خورشيد حسن، شيخ

خورشيد حسن، شيخ

خورشيد حسن شيخ

خورشيد حسن، شيخ: مشهور آرڪيالاجسٽ، شيخ خورشيد حسن، 4 اپريل 1929ع تي جنم ورتو. هن تاريخ جي مضمون ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ آرڪيالاجيءَ ۽ ميوزيم جي تعليم ٻاهران حاصل ڪئي. هن 35 سالن کان وڌيڪ وفاقي آرڪيالاجي کاتي ۽ ميوزيم ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڊائريڪٽر جنرل آف آرڪيالاجيءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هن آرڪيالاجي جي شعبي ۾ تحقيقَ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ميوزيمن جي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون. شيخ خورشيد حسن مختلف شعبن جو سربراهه به رهيو. خورشيد حسن بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ ’يونيسڪو ايڪسپرٽ‘ طور ڪم ڪيو، جتي هن بهترين ورڪ پلان پيش ڪيا. اهي تجويزون ٻنهي ملڪن جي حڪومتن پنهنجي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ لاءِ عمل ۾ آنديون. هن ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
خورشيد حسن ڪيترن ڪتابن جو مصنف آهي، جن ۾:
1. Chaukhandi Tombs in Pakistan.
2. Mohen jo Daro a 5000 year old Legacy.
(هيءُ ڪتاب 1980ع ۾ يونيسڪو طرفان شايع ڪرايو ويو،
1. Islamic Architectural Heritage of Pakistan (Funerary Memorial Architectural).
هن آخري ڪتاب ۾ سمن، ترخانن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دورن ۾ ٺهيل مقبرن جو ذڪر آهي. خورشيد حسن رائل ايشيا ٽڪ سوسائٽي لنڊن جو ميمبر به رهيو آهي. ان کانسواءِ لٽرري سوسائٽي، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ۽ ويسٽ ايشين اسٽڊي يونيورسٽي آف ڪراچي ۽ سوسائٽي آف ايشين سويلائيزيشن اسلام آباد جو ميمبر به رهيو آهي.
قديم آثارن واري کاتي جي شعبي ۾ خدمتن جي پيش نظر اٽليءَ جي حڪومت کيس 1993ع ۾ ’Knight of the order of merit of Italian Govt جي اعزاز سان نوازيو. خورشيد حسن قديم آثارن جي اعزازي صلاحڪار طور قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ ڪراچيءَ سان به لاڳاپيل رهيو. ان کانسواءِ پاڪستان حڪومت پاران ٺاهيل ’National Fund for Board of Moen jo Daro‘ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو